
For any query contact us ↴
0321 3307339 / 03103030164
eMail: info@gbhsgulmanda.com

Head Master
Government Boys High School Gulmanda, District Thatta
مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رھي آهي توھان کي گورنمينٽ بوائز ھاء اسڪول گل منڊا جي آفيشل ويب سائيٽ تي ڀليڪار چوندي. اسان جو اسڪول ڳوٺاڻي ماحول ۾ قائم آهي جتي هن وقت 400 کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ 16 محنتي استاد پنهنجيون خدمتون ايمانداري سان سرانجام ڏئي رهيا آهن. تعليم انسان جي شخصيت سنوارڻ سان گڏ، سماج کي اڳتي وڌائڻ جو سڀ کان اهم ذريعو آهي. قرآن پاڪ جي پهرين وحيءَ ۾ ئي حڪم مليو: “اقْرَأْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِي خَلَقَ” (پنهنجي رب جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو)، جيڪو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته علم ئي اها روشني آهي جيڪا انسان کي جهالت جي اونداھ مان ڪڍي ترقي ۽ سچائي جي راھ تي آڻي ٿي. اسان جي اسڪول ۾ ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته شاگردن کي رڳو ڪتابي علم نہ پر اخلاقي قدر، نظم ضبط، سماجي ذميواري ۽ جديد دور جي ضرورتن سان پڻ واقف ڪرايو وڃي. استادن جي محنت، والدين جي سهڪار ۽ شاگردن جي جذبي سان گڏجي اسان جو مقصد آهي ته اهڙي نسل تيار ڪريون جيڪا ايندڙ وقت ۾ پنهنجي ڪميونٽي ۽ سماج لاءِ ڪارائتي ثابت ٿئي. اسان جي خواهش آهي ته هر شاگرد وڏا خواب ڏسي، سٺو انسان بڻجي، پنهنجي صلاحيتن کي نکاريندي، پنهنجي خاندان، ڳوٺ ۽ ملڪ لاءِ هڪ بهتر مستقبل جو سبب بڻجي. اچو ته گڏجي علم جي شعاعن کي هر گهر تائين پهچايون ۽ پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ روشن راھ هموار ڪريون.